انب  جوڳي

انب جوڳي

انب جوڳي

انب جوڳي (ڍولڪ نواز): انب خان ولد بيکو خان جوڳي 1974ع ۾ ٽنڊي الھيار ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو ڪانجي جوڳي پڻ مشھور ڍولڪ نواز ٿي گذريو آهي. انب جوڳي ننڍپڻ کان ئي ڍولڪ وڄائڻ جو شوق رکندو هو، جنھنڪري شروع ۾ اڪثر ڊالڊا جو خالي دٻو گڏ کڻندو هو. هن شروعاتي سکيا پنھنجي پڦاٽ راڳي سوڍي جوڳيءَ کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ برادي فقير کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌايائين ۽ پوءِ ڪلاسيڪل انگ ۾ ڍولڪ وڄائڻ جي سکيا لاءِ استاد نذير خان جو شاگرد ٿيو. ڪلاسيڪل انگ واري سکيا ۾ کيس ست سال لڳي ويا. انب کي 1988ع ۾ريڊيو پاڪستان ۽ شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ استاد امير عليءَ متعارف ڪرايو. ان کانسواءِ پي ٽي وي تي پڻ انھيءَ دور ۾ پنھنجو فن پيش ڪيو. انب خان سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ محفل ڪئي آهي، جن ۾: عابده پروين، حميرا چنا، فوزيه سومرو، الله ڏنو جوڻيجو، ديبا سحر، شمن علي ميرالي، احمد مغل، رازده پروين شامل آهن. انب خان خانگي ٽي وي چينل تي پڻ پرفارم ڪيو ۽ ڇهه دفعا دبئي پڻ ويو. پھريون ڀيرو ڪي. ٽي .اين طـرفـان هڪ پروگرام ۾ دبئيءَ ويو، جتي هن صادق فقير، احمد مغل، سجاد يوسف، ديبا سحر ۽ طفيل سنجراڻيءَ سان سنگت ڪئي ۽ ٻئي دفعي برڪت علي ڀٽ، ثمينه، ڪنول، ضامن علي ۽ انڊيا جي مھيش چندر (ماسٽر چندر جي پٽ) سان سنگت ڪئي. انب جوڳي 14 جولاءِ 2022ع تي، ٽلٽيءَ جي گمبل شاهه گهوٽ جي ميلي ۾ محفل دؤران، دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي.


لفظ انب جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1974  عيسوي

انب خان ولد بيکو خان جوڳي 1974ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو .


2022.07.14  عيسوي

انب جوڳي 14 جولاءِ 2022ع تي، ٽلٽيءَ جي گمبل شاهه گهوٽ جي ميلي ۾ محفل دؤران، دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خضر حيات خان سردار
شيخ محمد فاضل
الاهي بخش ٻانڀڻ
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
انور ابڙو
ٿامس مان
ديپڪ آشا
چارڻ سُمنگ
سهراب سومرو
حمل خان جت بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون